138

خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مڇ سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مڇ سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ مرڪزي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مڇ سانحي خلاف ٺهراءُ حڪومتي توڙي مخالف ڌر پاران گڏيل طور تي پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هي ايوان شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي بلوچستان ۾ تازو دهشتگردي ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ واقعي ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو