144

حڪومت ڪورونا ويڪسين جي 11 لک ڊوز جو آرڊر ڏنو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪورونا ويڪسين جي 11 لک ڊوز  جو آرڊر ڏنو آهي. رپورٽن مطابق اسد عمر جو چوڻ آهي ته اسان جو پهريون هدف طبي عملو آهي، هڪ سئو کان وڌيڪ ذريعن کان ويڪسين وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته ويڪسين جو انگ تمام جلد وڌندو، ڪوشش آهي ته ويڪسين مارچ کان پهرين اچي ۽ ماڻهن کي لڳڻ شروع ٿي وڃي. وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته اهو نه سمجهيو وڃي ته ڪورونا جو معاملو ختم ٿي ويو آهي، احتياط لازمي ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو