197

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي سرڪاري ويب سائيٽ هيڪ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزارت جي سرڪاري ويب سائيٽ کي هيڪ ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق آمريڪي پرڏيهي وزارت جي سرڪاري ويب سائيٽ کي هيڪ ڪندي پهرين صفحي تي لکيو ويو آهي ته ٽرمپ جو صدارتي مدو 11 جنوري تي ختم ٿي ويو آهي.جڏهن ته آئيني طور تي صدر ٽرمپ جو صدارتي مدو 20 جنوري تي ختم ٿيندو، ڪيترائي ڪلاڪ ويب سائيٽ تي لکيل اهڙو مواد بعد ۾ هٽايو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو