واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان ۾ ڊيموڪريٽس پاران صدر ٽرمپ کي 25هين آئيني ترميم ذريعي هٽائڻ وارو ٺهراءُ ري پبليڪنز روڪرائي ڇڏيو آهي. آمريڪي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي جو چوڻ آهي ته هائوس ۾ اڄ ووٽنگ ٿيندي ۽ نائب صدر کي 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويندو. ٻئي پاسي اوول آفيس ۾ ٽرمپ ۽ نائب صدر مائيڪ پنس وچ ۾ ملاقات ٿي، رپورٽن مطابق ٽرمپ عهدو ڇڏڻ ۽ پينس ٽرمپ کي هٽائڻ لاءِ تيار آهي. ڊيموڪريٽس ٺهراءُ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ تي ايوان تي حملو ڪرائڻ جو الزام مڙهيو آهي.
193