180

جوبائيڊن جي حلف برداري واري تقريب دوران 50 رياستن ۾ سخت احتجاج جو خطرو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) خبردار ڪيو آهي ته جوبائيڊن جي حلف برداري واري تقريب دوران واشنگٽن سوڌو 50 رياستن ۾ هٿيارن واري احتجاج جو خطرو آهي. واشنگٽن ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ ٽرمپ جي حامين جي مسلسل ڌمڪين کانپوءِ ”يادگار واشنگٽن“ کي به 24 جنوري تائين بند ڪيو ويو آهي. نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ خطري کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته 20 جنوري تي گادي واري هنڌ امن امان برقرار رکڻ لاءِ نيشنل گارڊز جي انگ ۾ واڌ ڪئي ويندي. پينٽاگون مطابق حلف برداري تقريب واري ڏهاڙي 15 هزار گارڊ مقامي پوليس جي مدد لاءِ موجود هوندا. ڇڪتاڻ واري صورتحال باوجود جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته کيس کليل هنڌ تي حلف برداري واري تقريب کان ڊپ ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو