167

مونيڪا لاڙڪ سان زيادتي ۽ قتل جو ڪيس ٽن ڄڻن خلاف داخل، واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ هادل شاهه ۾ 8 ورهين جي معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ سان زيادتي ۽ قتل جو ڪيس مقتولا نينگري جي والد جي فرياد تي پيرڳوٺ ٿاڻي تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس پاران حراست ۾ ورتل هڪ عورت سوڌو 4 ڄڻن کان پڇاڳاڇا وارو سلسلو جاري آهي. پوليس ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ڄامشورو جي ليبارٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن. پيرڳوٺ پوليس مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ هن وقت تائين اصل جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، واقعي خلاف نواب ولي محمد سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 9 جنوري تي گم ٿيل معصوم نياڻي مونيڪا جو لاش گذريل ڏينهن پيرڳوٺ ڀرسان ڪيلن جي مان باغ مان هٿ آيو هو، ميديڪل رپورٽ ۾ معصوم نينگري کي اجتماعي زيادتي کانپوءِ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو