179

ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس اهلڪار شهيد

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) اڻڄاتل هٿياربندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق خيبرپختونخواهه ۾ بنون ۽ڪرڪ جي سرحدي علائقي تخت نصرتي ۾ پوليو مهم هلندڙ هئي ته اڻڄاتل هٿياربندن ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. ڊي پي او ڪرڪ مطابق شرپسندن جي فائرنگ ۾ پوليو ٽيم محفوظ رهي، جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ ڄاڻڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو