146

آن لائين ٽيڪسي جي ڊرائيور جو قاتل گرفتار، جوابدار قتل جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس آن لائين ٽيڪسي جي ڊرائيور جو قاتل گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار قتل جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق جوابدار طاهر کي سندس دوست محسن جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو، جنهن جاچ دوران ٽيڪسي ڊرائيور محمد علي جي قتل جو اعتراف به ڪيو آهي. پوليس مطابق جوابدار پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هن ڇوڪري سان ملڻ لاءِ گاڏي بڪ ڪرائي، دير ٿي ته ڊرائيور گاڏي مان لهڻ جو چيو، جنهن تي ان سان جهيڙو ٿي پيو ۽ نيٺ کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو