178

پاڪ بحريا جي آبدوزن جو اينٽي شپ ميزائل ۽ تارپيڊوز فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا عربي سمنڊ ۾ آبدوزن سان اينٽي شپ ميزائلن ۽ تارپيڊوز فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو آهي. امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريا ملڪي سامونڊي حدن خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. پاڪ بحريا جي ترجمان مطابق چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ميزائلن ۽ تارپيڊوز فائرنگ جو مشاهدو ڪيو، پاڪ بحريا جي آبدوزن ڪاميابي سان پنهنجي هدفن کي نشانو بڻايو، ميزائلز ۽ تارپيڊوز فائرنگ جو شاندار مظاهرو پاڪ بحريا جي آپريشنل صلاحيتن ۽ تيارين جو کليل ثبوت آهي. اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جو چوڻ هو ته پاڪ بحريا جا جوان ۽ آفيسر ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ بحري اثاثن جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو