ليکڪ: نقاش خاصخيلي
ڪنھن به معاشري کي بھتر بڻائڻ لاءِ تعليم تمام ضروري ھوندي آھي، جھموري معاشري ۾ تعليم کي بنيادي ضرورتن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. تعليم ڪنھن به معاشري کي تبديل ڪرڻ جي سگهھ رکي ٿي، پر افسوس اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ تعليم جي نالي ٻٽو نظام لاڳو آھي، امير لاءِ تعليم جو ھڪ الڳ سرشتو موجود آھي، جڏهن ته غريب لاءِ الڳ سرشتو آھي. آسان لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته امير جي اولاد لاءِ سرڪاري اسڪول ۽ مدرسا موجود آھن. تعليم جو ھي ٻٽو معيارشايد ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ ئي موجود آھي. تعليم جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي لاءِ سڀ کان پھرين ھڪ تعليمي نظام ۽ ھڪ ئي تعليمي نصاب جوڙيو وڃي.ان سان گڏ تعليمي بجيٽ کي سرڪاري نوڪرن ۾ ورھائڻ بدران شاگردن تي خرچ ڪيو وڃي، نوجوانن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ جھڙيون سھولتون مھيا ڪيون وڃن ته جئين ھو پنھنجي صلاحيتن جو صحيح استعمال ڪري سگھن، ان کانسواءِ ھن بدلجندڙ دور ۾ نوجوانن کي ٽيڪنالاجي جھڙي اھم شعبي ڏانھن پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده دور ۾ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واحد ۽ آسان رستو آھي.جنهن سان نوجوان شاگرد بهتر طريقي سان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي سماج جي بهتري لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هڪ تعليم يافتا فرد ئي معاشري جي بهتر جوڙجڪ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.