136

ادارن جي نجڪاري عوام کي ڪهڙو لاڀ ڏيندي..؟؟

ليکڪ: طفيل مگسي

نجڪاري جو عمل حقيقت ۾ انهيءَ نظرياتي ٽڪراءَ جو نتيجو آھي ته جنهن ۾ ھڪ پاسي عوامي فلاح وارو خيال آھي ته ٻئي پاسي اهو استحصالي ۽ لالچي نظام سرمائيداراڻو نظام آھي، جيڪو صرف پنهنجن مفادن تي زور ڏيندو آھي. ٻي عالمي جنگ به حقيقت ۾ پهرين جنگ عظيم جيان نئين منڊين تي قبضي جي لاءِ وڙھي وئي ۽ ان جي نتيجي ۾ بي پناهه بربادي ڏسڻ لاءِ ملي، جنهن ۾ ڪروڙين بيگناهه انسان مارجي ۽ معذور ٿي ويا، پر ان تباهيءَ کانپوءِ بحالي جو ڪم سرمائيدارن نه پر رياستن جو ڪم، يورپ ۽ ٻين تباهه ٿيل علائقن جي بحاليءَ ۾ ڪنهن انفرادي سرمائيدار حصو نه ورتو پر جڏهن ايندڙ ٽن ڏهاڪن ۾ بحالي جو ڪم مڪمل ٿي ويو ته پوءِ 1979ع ۾ ٻيهر نجڪاري ۽ انفرادي سرمائي جي ڳالهه شروع ٿي، 1979ع ۾ ٽورن پارٽي جي اڳواڻ ۽ برطانيا جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر پهريون ڀيرو نجڪاري جي ڳالهه ڪئي ۽ برطانيا ۾ ان تي تيزي سان عمل شروع ٿيو، ستت ئي ريپبلڪن پارٽي سان لاڳاپو رکندڙ آمريڪي صدر ريگن به ان جي حمايت شروع ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ آمريڪا ۽ برطانيا جي اثر هيٺ ترقي پذير ملڪن تي به زور وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو ته اهي سرڪاري تحويل ۾ ورتل صنعتي يونٽن ۽ ٻين ادارن کي وڪرو ڪن، اهڙي ريت اهي ملڪ جيڪي انهن ادارن جي امداد تي دارو مدار رکندا هئا کي به نجڪاري واري عمل ۾ شامل ٿيڻو پيو. پاڪستان ۾ ايوب خان جي دور ۾ جنهن قسم جي سرمائيڪاري ڪئي وئي، ان جي نتيجي ۾ دولت ڪجهه گهرن تائين محدود ٿي وئي ۽ 22 خاندانن جو خيال سامهون آيو ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ فرقي جي ڪري محنت ڪشن ۾ سخت ڪاوڙ اڀري، ذوالفقار علي ڀٽو ان صورتحال جي ڪري انهن صنعتن، مالياتي ادارن، بئنڪن ۽ تعليمي ادارن کي قومي تحويل ۾ ورتو، جيڪو استحصالي نظام جي خاتمي ڏانهن هڪ ننڍڙي ڪوشش ثابت ٿيو. پر ضياءُ الحق جي ايندي ئي نيو لبرل ازم جي اثر هيٺ قومي تحويل ۾ ورتل يونٽن جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو، زرعي سڌارن تي عمل روڪيو ويو، 1990ع ۾ نجڪاري جي عمل کي ٻيهر وڏي پئماني تي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ اهو باور ڪرايو ويو ته رياست جو ڪم صنعتي ۽ مالياتي ادارا هلائڻ نه آهي، ان کانسواءِ اهو به اعلان ڪيو ويو ته نجڪاري مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو 90 سيڪڙو غير ملڪي قرضن جي واپسي لاءِ هوندو، جڏهن ته 10 سيڪڙو ملڪ ۾ غربت جي خاتمي واري عمل تي خرچ ڪيو ويندو. اهڙي مرحلي تي سوال اهو اٿي ٿو ته ان نجڪاري ذريعي اسان پنهنجا مطلب حاصل ڪري ورتا يا نه؟ ان عمل مان حاصل ٿيل رقم سبب ملڪ جا قرض گهٽ ٿيا؟ ڇا غربت جو خاتمو اچي ويو؟صورتحال ويچار ڪيو وڃي ته اسان پنهنجا قيمتي اثاثا ۽ ادارا وڃائڻ کانسواءِ ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهياسين، ٽڪن جي قيمت تي وڪرو ٿيل صنعتي يونٽن مان لکين محنت ڪش بيروزگار ٿيا، صرف ڪجهه سرمائيدارن کي فائدو پهچائڻ کانسواءِ ڪا به بهتر تبديلي نه اچي سگهي. حڪومت جي پنهنجن انگن اکرن مطابق 2002ع کان 2008ع واري عرصي (جنرل مشرف جي حڪومتي دور) دوران 49 يونٽ وڪرو ڪيا ويا ۽ انهن مان 349 بلين ڊالرز حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ان وقت غير ملڪي قرض 38 بلين ڊالر هو، جيڪو وڌي 68 بلين ڊالر ٿي ويو، هتي اهو سوال بلڪل جائز بڻجي ٿو ته نجڪاري مان حاصل ٿيل رقم ڪٿي خرچ ٿي؟ ملڪي قرض ته ٻيڻا ٿي ويا، ان دوران نائن اليون کانپوءِ مشرف جي سرڪار صرف آمريڪا کان 14 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي امداد ورتي، نيٺ اها رقم ڪيڏانهن وئي؟ جڏهن ته ملڪ ۾ غربت جي خاتمي جا اثر پري پري تائين ڏسڻ ۾ نه آيا. پاڪستان ۾ هن وقت ٻن ٽن وڏن ادارن جن ۾ اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ ريلوي جي نجڪاري جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اهڙي عمل کي عالمي نقطئه نظر سان ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا ۾ اسٽيل جون صرف 10 ملون حڪومتي ملڪيت ۾ آهن، جن مان چين ۾ 2 واقع آهن، جڏهن ته 1960ع ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيل ملز لڳائي وئي جيڪا به سرڪاري تحويل ۾ آهي، جيڪڏهن نجڪاري ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ اڪثر ملڪن ۾ هلندڙ ايئرلائنز ۽ ريلوي سرڪاري تحويل ۾ آهن ته پوءِ پاڪستان ۾ انهن ادارن جي نجڪاري جون ڳالهيون ڇو پيون ڪيون وڃن؟ نيٺ ڪهڙا سبب آهن جو هتي جي سرڪار اهڙا ادارا نٿي هلائي سگهي، هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو عوام هن وقت به آفريڪي ملڪن جيان غربت، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سميت انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، ان دوران ادارن جي نجڪاري سان جيڪا  غربت پيدا ٿيندي ان جو تصور ڪرڻ سان ئي هوش خطا ٿي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهڙي نجڪاري جو اڳ به عوام کي ڪو فائدو نه مليو آهي ته هاڻ وري ڪيئن يقين ڪجي ته عوام اهڙي عمل سان خوشحال ٿيندو، وري به اهو ئي ٿيندو ته ڪجهه خاندانن ۽ انهن جي ساٿي سرمائيدارن کي فائدو پهچندو، جيئن ماضي ۾ ٿيو آهي. باقي عوام مٿان سورن سج جيئن جو تيئن بيٺل هوندو، ان ڪري بهتر آهي ته نجڪاري وارو عمل ختم ڪري ادارن جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ۽ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن، جنهن سان ادارن تان فردي بار گهٽائي انهن کي بحال ڪري هلائڻ لائق ڪيو وڃي ۽ انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي فائديمند ادارن ۾ تبديل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو