143

حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اختلافن ۾ موجود سياسي چئلينج

ليکڪ: انصار عباسي

ملڪ جي سياسي گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان نه آهي، ڇو ته ٻه اهم سياسي اڳواڻ وزيراعظم عمران خان ۽ (ن) ليگ جو سربراهه نواز شريف پنهنجي سخت موقف تي ڄمي بيٺل آهن ۽ ان جو دفاع به ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري ڪنهن ٽين ڌر لاءِ به معاملو ٿڌو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل اڳواڻڻ سميت سموري مخالف ڌر مان وزيراعظم عمران خان جو بنيادي هدف پهرئين ڏينهن کان نواز شريف ۽ سندس پارٽي (ن) ليگ آهي، وزيراعظم هونئن ته مخالف ڌر جي ڪنهن ٻئي اڳواڻ سان به هٿ ملائڻ کان پاسو ڪري ٿو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڳالهه نواز شريف اچي ٿي ته وزيراعظم لاءِ اهو برداشت کان ٻاهر ٿي وڃي ٿو، ڪجهه سال اڳ شايد نواز شريف جا جذبا عمران خان بابت اهڙا نه هجن پر اڄ هو به ساڳي ئي سوچ رکي ٿو، هي هاڻ ذاتي نفرت ۽ انا جي مسئلي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي، جتي عمران خان جي حڪومت نواز شريف کي لنڊن مان واپس آڻي جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿي ته اتي نواز شريف به پنهنجي اهم اڳواڻن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو پنهنجون سموريون ٻيڙيون ساڙي چڪو آهي ۽ هو عمران خان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ بابت پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽندو، (ن) ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پنهنجي پارٽي کي ٻڌائي چڪو آهي ته هو پنهنجي موقف تي ڪنهن به قسم جي لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ڳالهين جو ڪو به امڪان نه آهي، ذريعن جو چوڻ هو ته نواز شريف جو پيغام واضح آهي ته عمران خان حڪومت کي وڃڻو پوندو، عوامي سطح تي نواز شريف ۽ سندس پارٽي اڳواڻ اهو چئي نه رهيا آهن پر پردي جي پويان ڳالهين ۾ اها ڳالهه واضح طور تي چئي وئي آهي ته نواز شريف جو اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءَ جو مقصد عمران حڪومت ختم ڪرڻ آهي، هو سليڪٽيڊ کي سليڪٽرز جي ذريعي هٽائڻ چاهي ٿو ۽ ان کي ئي هو اسٽيبلشمينٽ جي ماضي جي غلطي قرار ڏين ٿا، جنهن کي درست ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر اها سوچ پي ڊي ايم ۽ ان ۾ شامل پارٽين (ن) ليگ سميت جي موقف جي خلاف آهي، يعني اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان ٻاهر ڪرڻ ۽ آئيني طريقي سان عمران خان حڪومت ڪرڻ، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم عمران خان به سوشل ميديا سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن سان به آچر واري ڏينهن اها ئي ڳالهه ڪئي ته پي ڊي ايم ۽ نواز شريف سول حڪومت ۾ فوج تي اهڙي طرح تنقيد ڪري رهيا آهن، جهڙي اڳ ڪڏهن به نه ٿي، جنهن جو مقصد اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وجهي سندس حڪومت ڪيرائڻ آهي. اها صورتحال اسٽيبلشمينٽ لاءِ به پريشان ڪندڙ آهي، جنهن تي پي ڊي ايم ۽ (ن) ليگ جا اڳواڻ سخت تنقيد ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم جو موقف آهي ته عمران خان قوم تي مڙهيو ويو آهي ۽ مٿان وري دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته حڪومت وري وري فوج جو نالو پنهنجي دفاع ۾ سياسي سببن جي ڪري استعمال ڪري رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جتي نواز شريف ۽ پي ڊي ايم اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته جيئن عمران حڪومت ختم ٿئي اتي وري پي ٽي آءِ حڪومت اختيارن جي خواهشمند آهي جيڪي سندس حڪومت جي حمايت ۾ هجن، سياسي مبصر ان ڳالهه کي مڃين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ انتهائي ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، مبصرن جو اسرار هو ته اپوزيشن، پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ وڏيون سياسي قوتون آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪنهن قسم جي ورهاست جو ڪردار ادا ڪرڻ نٿي چاهي، جنهن سان ادارا تڪراري بڻجن. مبصر ان راءِ جا به آهن ته عمران خان ۽ نواز شريف ڪنهن وڏي اداراجاتي ڳالهين جي حق ۾ نه آهن پر اهو ئي اهو رستو جيڪو ڏکين سياسي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿو، جنهن جي ڪري قوم پريشان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو