ليکڪ: حامد مير
جنوري جي انتهائي سرد موسم هئي، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات اڌ پاڪستان سمهي چڪو هو ۽ ڪجهه سمهڻ جي تياري ۾ هو، ڪجهه وڏن شهرن جا وڏا ماڻهو ويڪ اينڊ سبب جاڳي رهيا هئا ته اوچتو سڄو ملڪ اوندهه ۾ ٻڏي ويو، جيڪي ماڻهو جاڳي رهيا هئا اهي پريشان ٿي ويا ۽ انهن ستلن کي به جاڳائڻ شروع ڪيو، رات جي انڌيري ۾ قسمين قسمين افواهه پکڙجڻ لڳا ۽ افواهن سان ڀريل اها خوفناڪ رات ختم ٿي ته آچر تي هڪ پريس ڪانفرنس ٿي ۽ قوم کي ٻڌايو ويو ته ڪالهه رات جو بلوچستان جي علائقي نصير آباد ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائينن تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ بجلي پهچائڻ جو نظام متاثر ٿيو ۽ پاور بريڪ ڊائون ٿي ويو. اهو واقعو 2021ع جو نه آهي پر 2015ع جو آهي، جنوري 2015ع ۾ بلڪل اهڙو پاور بريڪ ڊائون ٿيو هو، جهڙو جنوري 2021ع ۾ ٿيو، فرق صرف ايترو آهي ته 6 سال اڳ جنوري جي آخري هفتي ۾ پاور بريڪ ڊائون ٿيو ۽ 2021ع ۾ جنوري جي ٻئي هفتي ۾ پاور بريڪ ڊائون ٿيو، ٻئي ڀيرا ويڪ اينڊ هو ۽ ٻنهي ڀيرن ۾ سرڪاري عملدارن آچر جي ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪئي. 6 سال اڳ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي سيڪريٽري يونس ڌاڳا پريس ڪانفرنس ۾ بليڪ آئوٽ جو سبب نصير آباد ۾ دهشتگردن جو حملو ٻڌايو ۽ 6 سال پوءِ توانائي وفاقي وزير عمر ايوب خان اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته گڊو ۾ خرابيءَ سبب تربيلا ۽ منگلا تي 10 هزار کان وڌيڪ ميگاواٽ بجلي اوچتو غائب ٿي وئي. 2015ع ۾ به سرڪاري عملدارن جو پهريون بيان اهو ئي هو ته گڊو ۾ خرابي ٿي وئي آهي ۽ 2021ع ۾ گڊو ۾ خرابي کي اصل سبب ٻڌايو ويو، هي ناچيز خدانخواسته عمر ايوب خان جي دعويٰ کي غلط قرار نه ڏئي رهيو آهي، عمر ايوب خان کي جيڪو ٻڌايو ويو ان اهو ئي بيان ڪري ڇڏيو، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن بريڪ ڊائون جو جيڪو سبب بيان ڪيو آهي، ڇا ان کي هڪ اهڙي رياست جي پڙهيل لکيل شهرين لاءِ قبول ڪرڻ آسان آهي جيڪا رياست دنيا جي 7 ائٽمي طاقتن مان هڪ آهي. سال 2021ع جي شروعات، صرف اسان جي پاور ٽرانسميشن سسٽم ۾ بريڪ ڊائون سان نه ٿي آهي، هن سال جي شروعات ۾ رياست ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جي رشتي ۾ به بريڪ ڊائون بي نقاب ٿي ويو آهي، 3 جنوري تي بلوچستان جي علائقي ۾ مچ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 مزدورن کي سندن هٿ پير ٻڌي ذبح ڪيو ويو، انهن غريبن جي وارثن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ ڪوئيٽا اچي کين قاتلن جي گرفتاري جي لکت ۾ خاطري ڪرائي ۽ جيستائين وزيراعظم نه ايندو هو پنهنجي پيارن جا لاش نه دفنائيندا، وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ ڪجهه وفاقي وزيرن کي موڪلي ڇڏيو ۽ يقين ڏياريو ته هزاره برادري جي مظلومن کي انصاف ضرور ملندو، پر هزاره برادري ۽ حڪومت وچ ۾ معاملا طئه نه ٿيا.
وزيراعظم ضد ڪيو ته هو اهڙي صورت ۾ ڪوئيٽا ويندو جڏهن لاشن کي دفنايو ويندو، مچ ۾ قتل ٿيلن جي وارثن جي حق ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌرڻا شروع ٿي ويا. 8 جنوري تي وزيراعظم چيو ته آئون بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، اوهان جنهن ڏينهن لاش دفن ڪندئو ان ڏينهن ئي ڪوئيٽا اچي ويندس، 6 ڏينهن جي احتجاجي ڌرڻي کانپوءِ 9 جنوري تي هزاره برادري پنهنجي پيارن جا لاش دفنايا ۽ ان ڏينهن ئي وزيراعظم ڪوئيٽا وڃي وارثن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم کٽي ويو ۽ مقتولن جا مظلوم وارث هارجي ويا، پر 11 لاشن سان گڏوگڏ احترام ۽ اعتماد جو رشتو به ڪٿي دفن ٿي ويو، جيڪو رياست ۽ عوام کي هڪٻئي سان ڳنڍي رکي ٿو.ان رشتي جي اصل حقيقت اهي ڳالهيون نه آهن، جيڪي وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ۾ مقتولن جي وارثن کي چيون،ان رشتي جي اصل حقيقت اهي نعرا آهن جيڪي مقتولن جي جنازي ۾ بلند ڪيا ويا، اهي نعرا ٽي وي چئنلن تي ته ٻڌڻ نه ڏنا ويا، پر سوشل ميڊيا تي ضرور ٻڌڻ ۾ آيا ۽ محب وطن عنصرن نعرا هڻندڙن کي غدار قرار ڏنو.جنازي ۾ شريڪ انهن هزارين غدارن جي خلاف شوق سان ڪيس داخل ڪيو پر ڪير اهو ٻڌائڻ جي زحمت ڪندو ته هن ملڪ ۾ حب الوطني جو بريڪ ڊائون ٿي چڪو آهي؟ ۽ غدارن جو ٽرن آئوٽ ڏينهن به ڏينهن ڇو پيو وڌندو وڃي؟ هڪ زماني ۾ رياست کي ماءُ جو درجو ڏنو ويندو هو، پر اڄ ماءُ کي سندس ٻارن کان ڪنهن ڇني ورتو آهي، اصلي ماءُ ڪنهن قيد خاني ۾ پئي آهي ۽ جيڪا پاڻ کي زبردستي هن رياست جي ماءُ قرار ڏئي ٿي ان کي ٻار پنهنجي ماءُ تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهن، ڇو ته ٻارن کي ماءُ جي روپ ۾ ممتا نظر نٿي اچي، ٻار پنهنجي ماءُ جي خلاف نه آهن، اهي ته پنهنجي اصلي ماءُ جي آزادي ۽ بحالي چاهين ٿا، اصلي ماءُ جي آزادي آئين ۽ قانون جي بالادستي سان مشروط آهي، پر افسوس ته آئين ۽ قانون جو به بريڪ ڊائون ڪنهن کان لڪل نه آهي، ان بريڪ ڊائون سبب طاقتور لاءِ الڳ قانون آهي ۽ ڪمزور لاءِ الڳ قانون آهي، ان بريڪ ڊائون سبب سياست، اخلاقيات ۽ صحافت سچائي کان محروم ٿي رهي آهي، معاملو صرف سياست ۽ صحافت تائين محدود نه آهي، معاشري جي اخلاقي قدرن جو به بليڪ آئوٽ ٿي رهيو آهي، هر طرف اوندهه ۾ پکڙجي رهي آهي ۽ جيڪو انهن انڌيرن جي نشاندهي ڪري ۽ بريڪ ڊائون جو اصل سبب ٻڌائڻ جو مطالبو ڪري ان کي رياست جو دشمن قرار ڏنو وڃي ٿو، غريبن جي زمينن تي قبضا ڪندڙ، هائوسنگ اسڪيمن جي نالي تي فراڊ ڪندڙ، اسپتال ۽ يونيورسٽيون ٺاهي بزنس ڪندڙ ۽ مذهب جي نالي تي نفرتون پکيڙيندڙ محب وطن آهن ۽ جيڪي دهشتگردن جي گرفتاري جي لکت ۾ خاطري گهرن اهي بليڪ ميلر به آهن ۽ غدار به آهن، پر ان بريڪ ڊائون ۽ بليڪ آئوٽ ۾ اميد جا ڪجهه ڪرڻا اڃا باقي آهن.اهي سڀ پاڪستاني جيڪي رياست جي وجود ۾ ممتا ڳولي رهيا آهن، انهن کي آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو ۽ مخالف ڌر جي انهن نام نهاد جمهوريت پسند ليڊرن کان به هوشيار رهڻو پوندو، جن کي ماءُ نه پر پنهنجا ذاتي مفاد عزيز آهن، هڪ وڏي بريڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته ماءُ کي آزاد ڪرائڻو پوندو ۽ ماءُ جي آزادي لاءِ ٻارن کي پاڻ ۾ متحد ٿيڻو پوندو.