178

داعش لاءِ ڪراچي مان فنڊنگ جو انڪشاف، اين اي ڊي يونيورسٽي جو شاگرد گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) داعش لاءِ ڪراچي مان فنڊنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، سي ٽي ڊي عملدارن اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق داعش لاءِ ڪراچي مان فنڊنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، سي ٽي ڊي عملدارن اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي فارنزڪ رپورٽ کانپوءِ ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي. عمر بن خالد کي ڊسمبر 2020ع تي طارق روڊ تان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار خلاف ثبوت نه هجڻ تي کيس ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪيو ويو هو. جوابدار عمر بن خالد  جي قبضي مان 2 موبائل فون هٿ ڪري فارنزڪ لاءِ اماڻيون ويون، ڊجيٽل فارنزڪ رپورٽ ۾ جوابدار ۽ سندس ساٿين خلاف ثبوت ملي ويا، جنهن تي جوابدار جي ساٿين جنيد، ضياءَ ۽ اويس کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو. جوابدار شام ۽ پاڪستان ۾ موجود داعش جي دهشتگردن ۽ انهن جي ڪٽنبن سان رابطي ۾ هئا، مختلف طريقن سان داعش کي فنڊنگ ڪندا هئا، عمر کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو