لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قوم کي گمراهه ڪندو رهيو آهي ته پي ڊي ايم فوج کي چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، فوج جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته اپوزيشن سان بيڪ ڊور رابطا ناهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان جي آجيان ڪندي ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، هي پاڪستان تحريڪ انصاف جي نه پر پاڪستان تحريڪ ڪوڙ جي حڪومت آهي، وزيراعظم قوم کي گمراهه ڪندو رهيو آهي ته پي ڊي ايم فوج کي چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، فوج جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته اپوزيشن سان بيڪ ڊور رابطا ناهن.
179