ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) بلديات کاتي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي سڏ تي ٽائون ڪميٽي ڄامشورو جي ملازمن ٽائون ڪميٽي آفيس کان ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ شامل ملازم پگهارون ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن غلام شبير ملاح، ڪرم علي برهماڻي، علي بخش خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سکر ميونسپل، گهوٽڪي، ڄامشورو، خيرپورناٿن شاهه، سن، مانجهند ۽ بلڙي شاهه ڪريم جي بلدياتي کاتي جي ملازمن کي هن وقت تائين پگهارون ادا ناهن ڪيون ويون، جنهنڪري ملازمن جا ٻچا فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بلديات کاتي جي ملازمن کي پگهارون جاري ڪري ٻين ادارن جيان بلديات کاتي جي ملازمن کي به سهولتون ڏنيون وڃن، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.
