ڄامشورو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ جي 39 هين گڏجاڻي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ يونيورسٽين جي پرو چانسلر نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذري. نثار احمد کهڙو چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جو معاشي نظام بهتر هجڻ ڪري اداري پائيدار ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي پنهنجي شفافيت جي ڪري ملڪ جي ٻيو نمبر سرڪاري يونيورسٽي هجڻ جو اعزاز رکي ٿي. نثار احمد کهڙو چيو ته اميد ٿي ڪجي ته ويجهي مستقبل ۾ مهراڻ يونيورسٽي ملڪ جي پهريون نمبر يونيورسٽي هوندي. سينيٽ جي گڏجاڻي ۾ سال 2020-21 لاءِ 4069.683 ملين رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس ذيشان احمد ميمڻ بجيٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته يونيورسٽي جي ملازمن جي پگهار ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ 2637.158 ملين، رٽائر ملازمن جي لاءِ 494.000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته يونيورسٽي جي ٻين خرچن ۾ يوٽلٽي بلن جي مد ۾172.000 ملين، تحقيقي معاملن جي مد ۾92.847 ملين، شاگردن جي اسڪالرشپ جي لاءِ 37.100 ملين رکيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي سال 2020-21 جي 566.827 ملين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ سينيٽ هائوس کي ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان کان 2606.322 ملين رپين جي گهر ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت 2016ع کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس لاءِ هڪ رپيو به بجيٽ نه ڏني آهي، سنڌ حڪومت کان پڻ 400 ملين رپيا بجيٽ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڊائريڪٽر فنانس پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته ڪووڊ-19 واري صورتحال بعد يونيورسٽين جي آمدني گهٽي آهي، يونيورسٽين چاهيو پئي ته مهانگائي وڌڻ بعد يونيورسٽين جي فيسن ۾ اضافو ڪجي پر ڪووڊ-19 واري صورتحال ڪري مهراڻ يونيورسٽي ڪنهن به فيس ۾ اضافو ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جيڪڏهن گهربل بجيٽ نه رکي ته يونيورسٽي مشڪل صورتحال ۾ هلي ويندي. ان دوران مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي پرو چانسلر نثار احمد کهڙو کان مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت سالياني بجيٽ ۾ مستقل مهراڻ يونيورسٽي لاءِ بجيٽ رکي، جنهن سان يونيورسٽي جو معاشي ڪاروهنورا وڌيڪ آساني سان هلي سگهندو. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي سينيٽ کي خطاب ڪندي چيو ته، مهراڻ يونيورسٽي ۾ اڪثريت ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ غريب شاگردن جي آهي، بجيٽ جي ڪٽوتي جو بار فيسون وڌائي شاگردن تي نٿو وجهي سگهجي. وائيس چانسلر ٻڌايو ته ڪووڊ-19 واري صورتحال بعد يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس طرفان مختلف ادارن ۽ شخصيتن جي مدد سان مستحق شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي انهن جو تعليمي ڪيرئير بچايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا به غريب شاگرد هئا جن وٽ آن لائن ڪلاس وٺڻ لاءِ پنهنجي علائقن ۾ انٽرنيٽ جي ڪا سستي سهولت نه هئي يا جن وٽ ليپ ٽاپ/موبائل فون نه هو انهن جو يونيورسٽي انتظاميا سرندي وارن جي سهڪار سان اهو مسئلو پڻ حل ڪيو آهي. اجلاس ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي نئين آيل ڊائريڪٽر فنانس ذيشان احمد ميمڻ ۽ آڊيٽر صغير احمد چانڊيو کي ڀليڪار چيو ويو. جڏهن ته رٽائرڊ ٿيل استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ فوتي ملازمن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، خيرپور ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، فيڪلٽيز جي ڊينز ۽ سينيٽ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران معزز ميمبرن پاران يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي منصوبن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ مشورا پڻ ڏنا ويا.
467