265

هڪ سيريز جي ڪارڪردگي جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي: بابراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ ۾ مايوس ڪندڙ پرفارمنس تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ سکيا کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم جو چوڻ هو ته انجري سبب سيريز مان ٻاهر ويهڻ تڪليف ڏيندڙ وقت هو، انجري مان مڪمل صحتياب ٿي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي، ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز لاءِ مڪمل تيار آهيان، وڏي خوشي آهي جو گهڻي وقت کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي. هن چيو ته ان فٽ ٿي نه کيڏڻ جو افسوس آهي، ٽيم کي منهنجي ضرورت هئي پر مان کيڏي نه سگهيس، ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. هن چيو ته هڪ سيريز جي ڪارڪردگي جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي، ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ مشڪل وقت ۾ سپورٽ ڪرڻ گهرجي، مون کي بالرن تي پورو ڀروسو آهي ته اهي نوجوان ايندڙ سيريز ۾ سٺو پرفارمنس ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو