تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر جنرل ڪيوهمرث حيدري چيو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ جلد فوجي مشقون شروع ڪيون وينديون .فوجي مشقن کي رهبر انقلاب اسلامي موجب عمل ۾ آندو ويندو ،جڏهن ته فوجي مشقون منعقد ڪرڻ جو مقصد فوج جي مختلف يونٽن ۾ دشمن جي مقابلي لاءِ تياري ۽ ملڪ جي جغرافيائي سرحدن جي حفاظت جي مقصد سان مناسب دفاعي منصوبابندي ڪرڻ ۽ فوج جي پيشوراڻين مهارتن کي هٿي وٺرائڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ جي سرحدن جي سلامتي اسان جي ريڊ لائن آهي ۽ اسان جي فوج سرحدن جي حفاظت لاءِ پوري طرح تيار آهي.
181