193

نوابشاهه ۾ مختلف علائقن جي رهواسين جو ميونسپل ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي مختلف علائقن جمشيد ڪالوني، حنيف ڪالوني، نادر شاهه ڪالوني، ڪينچي پُل جي رهواسين محمد زمان، ذيشان، عبدالجبار آرائين، عبدالحميد آرائين، محمد فيصل آرائين، محمد طارق شاهه ۽ ٻين ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جي عملي خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي جو عملو سموري شهر جو گند ڪچرو کڻي اسان جي علائقن ۾ اڇلائي ٿا وڃن جنهن جي ڪري علائقن ۾ بدبو ڦهلجي ٿي ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. هنن چيو ته ڪچري جي بدبو جي ڪري رهواسي معصوم ٻارڙا ۽ بُزرگ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقن مان ڪچرو فوري طور کڻايو وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل ڪميٽي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو