335

ميرپورخاص ۾ نيڪاسي نظام ناڪاره، گٽر اُٿلڻ روز جو معمول، عوام گندگي جي عذاب ۾ ورتل

ميرپورخاص(رپورٽ: شاهد ڪيهر) 8 لک کان وڌيڪ جي آبادي رکندڙ سنڌ جو چوٿون وڏو ۽ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر شهر ميرپورخاص پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي جي ڪري  گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي، نيڪاسي جو نظام تباهه ٿيڻ جي ڪري مختلف علائقن ۾ گٽر اٿلي پيا آهن، جنهن ڪري شهر جا وڏي انگ روڊ رستا ۽ گھٽيون گندي پاڻي جي ڍنڊن جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن، پنهور ڪالوني، سٽلائٽ ٽائون، پاڪ ڪالوني، نٽ پاڙو، ڀانسنگھ آباد، بلوچ پاڙو، رحيم نگر، سومرا پاڙو، گلشن ڪالوني، اسڪيم نمبر02، والڪرٽ ٽائون، حميد پوره ڪالوني، کار پاڙو، هيرآباد، مهاجرڪالوني سميت ٻين رهائشي علائقن جو گھٽيون گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، شهر جي مختلف علائقن ۾ گٽرن جو پاڻي مسجدن اڳيان ڍنڍن جي شڪل اختيار ڪرڻ سبب نمازي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد وڃڻ لاءِ سخت پريشاني جو شڪار آهن، نيڪاسي جو نظام تباه هجڻ سبب شهر وڏي انگ علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جو پاڻي شامل ٿي رهيو آهي ۽ گھرن کي فراهم ٿيندڙ پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جو پاڻي شامل ٿيڻ سبب عوا گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهي، جنهن ڪري رهواسي پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن، شهر جا اڪثر علائقه ڪچري جي ڍيرن سان ڀريل آهن جنهن ڪري علائقن ۾ سخت گندگي ۽ بدبوءُ ڦهلجي ويئي آهي، ميونسپل عملو ڊيوٽين کان غائب آهي،  ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپورخاص جي ڪامورن جي نااهلي، گندگي ۽ شهر جي تباه حالي کان تنگ ٿيل رهواسين طاهر رانگڙ، جئه ڪمار، فريد حسين، ڪاشف علي، امجد حسين، نعيم، رميز، الله دتا، افتخار علي، معين علي، عابد بلوچ، مجاهد بلوچ ۽ ٻين چيو ته اسانجي علائقن ۾ گندگي جو ڍير لڳل آهي ۽ گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب رهواسين جي زندگي مفلوج بڻيل آهي اسان هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهيون، جڏهن ته سخت بدبوءُ سبب وبائي مرض ڦهلجي رهيا آهن، صفائي لاءِ ميونسپل ڪاميٽي جي ڪامور اڳيان دانهي چڪا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي لڳي ايئن ٿو ته ميونسپل ڪاميٽي جا ڪامورا صفائي واري عملي اڳيان بيوس بڻيل آهن ۽ شهر نڌڻڪو بڻيل آهي جنهن جو ڪو والي وارث نه آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير،صوبائي وزير بلديات ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملي جي ناهلي جو فوري طور نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي ڪرائي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري مختلف شهر ۾ ڦهلجندڙ مختلف بيمارين کان بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو