261

سنڌ جون وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهن، سنڌ حڪومت اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه جاري رکندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته سنڌ جون وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهن، سنڌ حڪومت اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه جاري رکندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو  وڌيڪ چوڻ آهي ته خط لکڻ يا آرڊيننس جاري ڪرڻ سان ادارا ڪنهن جي ملڪيت نه ٿي ويندا، خرچن سوڌو ٻيون گهربل گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديو ن آهن، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ ۽ جناح اسپتال سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، عدالتي فيصلي کانپوءِ به هيل تائين پي ٽي آءِ حڪومت اسپتالن تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو، سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ٿيڻ نه ڏبو. هن چيو ته سنڌ جون وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهن، سنڌ حڪومت اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه جاري رکندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو