163

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 22 ڄڻا فوت ۽ 1064 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 22 مريض فوت ٿيا آهن جڏهن ته فوتين جو انگ 3730 تائين وڌي ويو آهي ۽ 12566 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1064 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 مريض فوت ٿيڻ سان ٽوٽل انگ 3730 تائين وڌي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهن. وڏي وزير چيو ته 12566 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1064 ڪيس معلوم ٿيا جيڪي تشخيص جي شرح جو 8.5 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2511315 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 228949 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان 91.4 سيڪڙو يعني 209239 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2312 مريض به شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 15980 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 15061 گهرن ۾، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 907 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 820 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 79 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.  بيان موجب 1064 نون مريضن مان 845 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 314، ضلع اوڀر 289، ضلع سينٽرل 84، ضلع ڪورنگي 66، ضلع اولهه 60 ۽ ضلع ملير 32 شامل آهن. حيدرآباد 37، شهيد بينظير آباد 18، بدين، قمبر ۽ خيرپور 16-16، شڪارپور ۽ ٽنڊو محمد خان 10-10، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ 7-7، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، سجاول ۽ سکر 6-6، گهوٽڪي، نوشهرو فيروز ۽ ٽنڊو الهيار 5-5، ٺٽو ۽ ڪشمور 2-2، دادو ۽ سانگهڙ ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.  سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو