ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي گئس تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي، سنڌ جي گئس تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. اسان رڳو آئين تي عمل ئي چاهيون ٿا. اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي ڪيو . مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گئس جي بحران بابت وفاق کي خط لکياسين پر انهن جو ڪو به جواب نه مليو، هي رڳو هڪ ئي ڳالهه ڪندا رهن ٿا ته اهو سڀ گذريل حڪومتن جي ڪري آهي. مسئلو رڳو گذريل حڪومتن تي الزام مڙهڻ سان حل نه ٿيندو. هن چيو ته ان جو حل موجود آهي.گئس ته هن وقت پڻ موجود آهي، سنڌ جي 454 ايم ايم ڪيوبڪ فيٽ گئس سئي ناردرن گئس پائپ لائين لميٽيڊ ( ايس اين جي پي ايل )کي ڏني پئي وڃي جيڪا آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي ، اها گئس سنڌ کي ئي ملڻ گهرجي، اسان رڳو آئين تي عمل ئي چاهيون ٿا. خيبر پختونخوا ۾ پوري ريت عمل ڪيو پيو وڃي پر مسئلو رڳو سنڌ سان آهي، سنڌ سان سراسر زيادتي پئي ٿئي ۽ اهو رڳو ڪو هڪ ئي معاملو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ اهو چٽو ٿيل آهي ته جتان به گئس نڪري ٿي پهريون ۽ وڌيڪ حق ان علائقي جو آهي، اسين ڪجهه وڌيڪ نه ٿا گهرون پر رڳو اهو ئي گهرون ٿا جيڪو حق اسان کي آئين ۾ ڏنو ويو آهي. سنڌ جي گهريلو توڙي صنعتي صارفين کي پهرين حق ڏنو وڃي. سنڌ مان 2600 ايم ايم سي ايف ڊي گئس نڪري ٿي ان مان گهٽ ۾ گهٽ 16 ايم ايم سي ايف ڊي گئس سنڌ کي ملڻ گهرجي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 454 ايم ايم ڪيوبڪ فيٽ گئس سئي ناردرن کي ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي گئس تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ڀلي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم نه ڪن پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عوام سان گڏ ته بيهن، سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل اسان سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي ماڻهن سان رڳو ٺلهيون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، انهن سان گڏ بيهڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوي ٿي ۽ قرباني ڏيڻ ايم ڪيو ايم جي وس جي ڳالهه به نه آهي. ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي وس ۾ نه آهن، انهن کي ڪو ٻيو پيو هلائي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي پنهنجا ئي ماڻهو گمراهه ڪري رهيا آهن. هنن کي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڪرڻو ڇا آهي، وفاقي ڪابينا ۾ رڳو اهڙيون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن جن سان وزيراعظم خوش ٿئي، وزيراعظم رڳو انهن ئي ڳالهين تي هلي ٿو، عوام جو ڪو احساس نه آهي، ڪجهه ته عوام جو خيال ڪيو وڃي. هو چوي ٿو ته هنن کي نه ڇڏيندس، ها ڀلي نه ڇڏي، ان کي جيترا به ڪيس ڪرڻا آهن ڪري ڇڏي، اسين ويٺا آهيون ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين، اسين ڊڄون نه ٿا ڇو ته اسين صحيح رستي تي آهيون، هي مون تي جيتري وڻين پيا تنقيد ڪندا رهن، هي جيتري تنقيد ڪندا الله مون کي ايتري ئي سگهه انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيندو ۽ مون کي سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ سگهه ملندي رهندي.
153