188

پيرڳوٺ: مونيڪا جو قتل ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل، وڌيڪ 7 شڪي گرفتار، 11 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيسٽ،3 جاچ ڪاميٽيون قائم

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: ديدار گل سولنگي) پيرڳوٺ: مونيڪا جو قتل ڪيس داخل، 3 جاچ ٽيمون قائم، وڌيڪ  7 شڪي گرفتار، 11 جي ڊي اين اي ٽيسٽ، پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ هادل شاھه ۾ اغوا بعد وحشي درندن هٿان زيادتي ڪري قتل ڪيل 8 سالن جي نينگري مونيڪا عرف مونا ڌيءَ غلام شبير لاڙڪ واري جيءُ جھوريندڙ واقعي بعد مقتولا نياڻي جي وارث عورتن ۽ ڳوٺ ۾ روڄ راڙو متل آھي، نينگري جي والد غلام شبير لاڙڪ جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف زيادتي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ 7 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پڇا ڳڇا لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، وحشي صفت جوابدارن پاران قتل ڪيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي حڪم تي خيرپور ضلعي جي سينيئر ۽ تجريبيڪار پوليس آفيسرن ايس پي هيڊڪوارٽر نوشيروان چانڊيو، ڊي ايس پي سيد حبدار علي شاھ، سي آءِ اي انچارج خيرپور عبدالحميد پنهور، ڊي ايس پي محمد يوسف بروھي تي مشتمل ٽي ٽيمون جوڙيون ويون آھن، جيڪي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪرڻ سميت شاھديون جمع ڪري رھيا آھن، مقتولا نياڻي جي وارثن کان ڄاڻ وٺڻ کان سواءِ گذريل 5 ڏينهن کان ٿيل علائقي واسين جي چرپر بابت تفصيل گڏ ڪري رھيا آھن، ڪالھه واقعي واري هنڌ کان سي آءِ اي انچارج عبدالحميد پنهور، سيد حبدار علي شاھه، محمد يوسف بروھي، نوشيروان چانڊيو ۽ ٻين پوليس عملدارن ڪيلن جي پنن تي رت جا لڳل نشان کڻي ٽيسٽ لاءِ اسپتال آندا ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي پڻ ڪڙي نظر رکي پئي وڃي،  ٻئي طرف واقعي جي جاچ ۾ رنڊڪ بڻجڻ جي الزام هيٺ 2 پوليس اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي نشاندھي ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي حڪم تي ڳوٺ هادل شاھه ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ابراھيم عرف لال بخش شيخ، امام بخش سھتو، اياز علي بڙدي، رفيق احمد لاڙڪ، حسام الدين وسطڙو، توقير احمد وسطڙو، مشتاق ڀٽو ۽ مجيد شيخ سميت 11 ڄڻن جي پيرجوڳوٺ ۽ خيرپور اسپتال ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ورتي وئي آھي، جنهن جا نمونا ڄامشورو ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، جنهن جو رزلٽ اچڻ بعد ئي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو