174

معصوم نياڻي سان ناحق ڪندڙ جوابدارن کي بخش نه ڪبو:ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي

پيرجوڳوٺ: ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ لونگ لاڙڪ پھچي مقتولا نياڻي جي تڏي تي سندس پيءُ غلام شبير ۽ سندس چاچن سان تعزيت ڪرڻ بعد سمورا تفصيل معلوم ڪري واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، بعد ۾ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مونيڪا سنڌ جي نياڻي آھي ان سان اهڙو ناحق ڪندڙ جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو، جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ بعد ئي خبر پوندي، جيڪڏهن اسان کي 10 هزار ڊي اين اي ٽيسٽون ڪرائڻيون پيون ته ڪنداسين ۽ هر صورت ۾ نياڻي جي خون ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو..

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو