145

لاڙڪاڻي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪنوار گولي لڳڻ سبب پراسرار نموني فوت،مڙس گرفتار

لاڙڪاڻو (رپورٽ: اياز ساريو) لاڙڪاڻي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪنوار گولي لڳڻ سبب  پراسرار نموني فوت، ڪارڻ ٽڪ ٽاڪ، اتفاقي يا قتل؟ مڙس گرفتار، پوليس پاران جاچ شروع، تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي باقراڻي روڊ جي رهواسڻ سرور خاتون زال عامر ڪلهوڙو ڏيڍ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جيڪا پراسرار نموني گهر اندر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارث کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ کڻائي پهتا، جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي ، ان موقعي تي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري معاملي تان فوت ٿيل عورت سرور خاتون جي مڙس ۽ عورت جي وارثن ۾ منهن ماري ٿي، عورت جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين ايمبولنس ۾ پيل رهيو، ٻن ڪلاڪن جي ڇڪتاڻ کانپوءِ دڙي پوليس پهچي ٻنهي ڌرين کي خاطري ڪرائڻ بعد لاش چانڊڪا اسپتال جي مارچري ۾ منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي عورت جي مڙس عامر ڪلهوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واش روم ۾ هئس ته گهرواري سرور بيڊ تي صفائي ڪرڻ لاءِ رکيل پسٽل جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي فرش تي ڪري پئي، رڙ تي واش روم مان نڪري مان ۽ منهنجي ڀاءُ کڻي اسپتال پهتاسين جتي هوءَ فوت ٿي وئي. هن ٻڌايو ته اسان ڏيڍ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، رشتي ۾ منهنجي پڦاٽ هئي. هن چيو ته سرور کي پنهنجي موبائل فون به هئي، هو ٽڪ ٽاڪ ضرور ٺاھيندي هئي پر اپ لوڊ نه ڪندي هئي. پسٽل ۾ ٻه گوليون هنيون، هڪ هن کي لڳي ٻئي پوليس هلائي پسٽل خالي ڪيو، جيڪو منهنجي والد جو لائسنس وارو آهي. هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي عورت جي مڙس عامر کي حراست ۾ وٺي دڙي ٿاڻي  تي لاڪپ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن دڙي پوليس جو چوڻ آهي ته ظاهري طور گولي پويان لڳل آهي، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ واقعي جي خبر پوندي ته ڪارڻ ڇا آهي، باقي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ وقت گولي لڳڻ سبب موت ناهي ٿيو، وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو