نوشهروفيروز/ پڊعيدن (ڊ ر/ن سوڀ) ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري پاران پڊعيدن ۾ چوري الزام هيٺ پوليس اھلڪارن پاران عورتن تي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ واري معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ورتل نوٽيس ۽ ان بعد جاچ لاءِ مقرر ڪيل ڊي ايس پي نوشهروفيروز اعجاز ميمڻ جي رپورٽ بعد 4 پوليس اهلڪارن شاھنواز راڄپر، سعيد راڄپر، اياز لاشاري ۽ شاھد راڄپر کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري موجب جاچ آفيسر جاچ ۾ رپورٽ ڏني آهي ته وڊيو ۾ ڏيکاريل عورتن بابت سڄي ضلعي مان اھا تصديق نه ٿي سگھي آھي ته عورتون ڪٿان جون ۽ ڪھڙي برادري جون آھن. ايڊيشنل ايس ايڇ او علڻ سيال کي معطل ان ڪري ڪيو ويو ھو ته کيس ايس ايڇ او جي عارضي چارج ھئي پر ان جي موجودگي ۾ اھڙو واقعو پيش آيو، ھن چيو ته ڄاڻايل واقعي جي ڪري سنڌ سميت دنيا ۾ نوشهرو فيروز پوليس جي ساک خراب ٿي آھي، جيڪڏھن متاثر عورتون ظاھر ٿي اچن ته سندن فرياد تي اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
178