اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جو بار بار وائکو ٿيڻ منهنجي ڪرپشن خلاف 24 سالن جي جدوجهد آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاناما پيپرز پاڪستان جي امير حڪمرانن کي وائکو ڪيو، اشرافيه بعد ۾ اين آر او جو سهارو ورتو ۽ اين آر او سبب اشرافيه لُٽيل دولت کي تحفظ فراهم ڪيو، اشرافيه ٻاهرين ملڪن ۾ غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هاڻي براڊ شيٽ معاملي تي امير حڪمران ٻيهر وائکا ٿي ويا آهن، براڊ شيٽ سبب امير حڪمرانن جي مني لانڊرنگ سامهون آئي، حڪمرانن جو بار بار وائکو ٿيڻ منهنجي ڪرپشن خلاف 24 سالن جي جدوجهد آهي، هي امير حڪمران انتقامي ڪارڊ پويان لڪي نٿا سگهن، اشرافيه نه رڳو قوم جي دولت کي لٽيو پر انهن جي ٽيڪس جي رقم کي به لٽيو، اين آر او سبب لُٽيل رقم ضايع ٿي وئي، ڪرپشن جا اهي سمورا انڪشاف اڃا ته شروعات آهي، اسان براڊ شيٽ واري معاملي ۾ مڪمل شفاف جاچ چاهيون ٿا ۽ اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته براڊ شيٽ کي وڌيڪ جاچ کان ڪنهن روڪيو.
