لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پيءُ ٻن معذور ڌيئرن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق لاهور جي راڄ ڳڙهه جي رهواسي ضياءُ پنهنجي ٻن معذور ڌيئرن 34 ورهين جي سعديه ۽ 30 ورهين جي اقصيٰ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي به ڇريون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو. پوليس مطابق ضياءَ هٿان قتل ڪيل ٻئي ڌيئرون معذور هيون، واقعي جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
178