اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ جو مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي لنڊن کان واپس ڏيهه پهچي ويو آهي. رپورٽن مطابق شاهد خاقان عباسي پرڏيهي اڏام ذريعي لنڊن کان اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو. شاهد خاقان عباسي آمريڪا کان واپسي تي 5 ڏينهن لنڊن ۾ ترسيو ۽ پارٽي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ڪئي. شاهد خاقان عباسي شهباز شريف ۽ مريم نواز لاءِ نواز شريف جو اهم پيغام کڻي پهتو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته شاهد خاقان عباسي سينيٽ چونڊ ۽ پي ڊي ايم تحريڪ بابت حڪمت عملي وارو پيغام هلندڙ هفتي شهباز شريف ۽ مريم نواز تائين پهچائيندو.
