ليکڪ: غضنفر سولنگي
سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان لڄالٽ جا واقعا هاڻي روزو جو معمول بڻجي ويا آهن، هر نئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن معصوم کي بگهڙ پنهنجي حوس جو نشانو بڻائين ٿا، اهڙو ئي ھڪ دل ڌڏائيندڙ واقعو پيرڳوٺ ڀرسان ھادل شاھه ۾ پيش آيو آھي، جتي ڪيلن جي باغ مان معصوم مونيڪا لاڙڪ جو لاش مليو، ڳوٺ وارن جڏھن ڪيلن جي باغ ۾ لاش ڏٺو ته انھن مونيڪا زندهه حالت ۾ ڏٺو، ساھه جو سڳو ڪڏهن ٽٽو شايد اهي وقت جا ويري ئي ڄاڻن، پر ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽن مطابق ته مونيڪا سان زيادتي ڪري پوءِ انهيءَ کي ماريو ويو آهي، ھادل شاھه جي حويليءَ ۾ ڪم ڪندي ھڪ ڏينھن مونيڪا گھران حويلي لاءِ نڪتي ته نه حويلي پھتي ۽ نه گھر، ٽن ڏينهن جي ڳولا کانپوءِ سنڌس لاش مليو. مونيڪا جو ڏوھه اُھو ھو ته ھِن غربت جي سبب پنھنجي پيٽ پالڻ جو بار به ننڍپڻ کان ئي پنهنجي ڪُلھن تي کنيو هو، انهيءَ لاءِ ئي هن حويليءَ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، مونيڪا ڪا پھرين نياڻي به ناھي، ان کان اڳ به ڪيتريون ئي مونيڪائون وحشي ھٿن جي ڪري موت جي منھن ۾ ھلي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي ظھير ميراڻي صاحب ڪيترو نه سچ ۽ خوب ليکو آهي ته ”پيرڳوٺ جي هن معصوم نياڻي جو هي لاش هر ان ماڻهو آڏو انصاف لاءِ پُڪاري رهيو آهي، جنهن جي سيني ۾ انسان جي ٿوري به دل آهي، جڏهن ڪشمور ۾ اهڙي درندگي ٿي هئي ته اتان جي ايس ايس پي امجد شيخ بيان ڏنو هو ته ”انهيءَ وحشياڻي واقعي تي سندس ننڊ ڦٽي وئي هئي“، ڏسجي ته هاڻي خيرپور پوليس جي ڪڏهن ٿي ننڊ ڦٽي! بربريت جو شڪار ٿيل ھن نياڻي جو بيگناهه خون سموري انسانيت جي ضمير کي جنجهوڙي رهيو آهي، ”اي غربت شل باھ لڳيءَ“ مونيڪا جو گُهٽو ڏنل ۽ بيدردي سان قتل ٿيل لاش هن معاشري جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو ته جيڪڏهن مونيڪا جا وارث غريب نه هجن ها ته مونيڪا کي ڪٿي پرائي گهر ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ها ڇا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!! سڀ ڪجهه غربت ۽ پيٽ پالڻ جي ڪري ٿيو، بکيو پيٽ انسان کان ڇا ڇا نه ڪرائي، مونيڪا پرائي گهر نوڪري ڪئي، حڪومت توڙي جو غريبن لاءِ ڪا به واهر نٿي ڪري ۽ ايئن وقت کي ڌڪو ڏئي پنهنجا پنج سال پورا ٿي ڪري، غريب ويچارو ته هر دور ۾ سورن ۾ ئي رهيو آهي، غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي، مونيڪا جي موڪلاڻي ڪئين سوال اٿاريا آهن ته سنڌ جا معصوم ٻار اڄ محفوظ هٿن ۾ نه آهن، مونيڪا جي قتل ۾ جيڪي به ملوث جوابدار آهن، انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس پي خيرپور سميت قانوني عملدارن، سماجي اڳواڻن، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ مونيڪا لاڙڪ لاءِ آواز اٿاري هن گلڙن جهڙي ٻارڙي جي ناحق خون جو انصاف وٺن، نه ته تاريخ گواھه آهي ته هي خون پاڻ سڀني کي گهليندو.
وڇوڙن جا گهاڻا رهيا ئي رهيا،
زخم هِي پُراڻا رهيا ئي رهيا.