جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق جيڪب آباد جي سينيما روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن امان الله بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. پوليس مطابق واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.
