لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شهباز شريف طرفان جيل ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪندي ڌرين جي وڪيلن کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي انتظامي جج جواد الحسن شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي نيب رپورٽ ۽ شق وائيز جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته شهباز شريف جي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي درخواست تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين جي وڪيلن کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت سامهون درخواست گذار شهباز شريف موقف رکيو آهي ته هو ڪينسر ۽ دل سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا آهي، تنهن ڪري جيل ۾ چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ۽ بورڊ ۾ ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪينسر ۽ دل سميت ٻين بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن کي شامل ڪيو وڃي.
