213

سپريم ڪورٽ ۾ بني گالا حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي، سيوريج پلانٽس متعلق صوبن کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بني گالا حد دخلين جي پاڻ مرادو نوٽيس ڪيس تي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اعليٰ عدالت سيوريج پلانٽس جي حوالي سان سمورن صوبن کي نوٽيسز جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتا آهن جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي طرفان اسلام آباد ۾ تمام گهٽ قيمت تي سيوريج پلانٽس لڳايا ويا آهن، هي منصوبا وفاقي راڄڌاڻي ۾ ڪامياب ٿين ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به لڳائي سگهجن ٿا، سيوريج شهر جو وڏو مسئلو هو، انهن رٿائن شروع ڪرڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو، سيوريج جو معاملو ٽريڪ تي اچڻ تي عدالت کي خوشي آهي، عوامي مفاد ۾ ان ڪيس کي ڏسي رهيا آهيون، غير قانوني اڏاوتون اسلام آباد جو ٻيو وڏو مسئلو آهي، چاهيون ٿا ته غير قانوني اڏاوتون نه هجن، چيئرمين سي ڊي اي بائيو گيس جي حوالي سان به  قدم کڻي، مڪاني حڪومتن کي اختيار ڏيڻ به اهم آهي، مڪاني حڪومتن کي اختيار ڏيڻ آئيني ذميداري آهي. ٻڌڻي دوران چيئرمين سي ڊي اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسلام آباد ۾ پهرين 3 سئو بلڊنگ پرمٽس جاري ٿيون هيون، اسان ٻه هزار بلڊنگ پرمٽس جاري ڪيون آهن، ڳوٺاڻن علائقن مان نقشن جي ايندڙ درخواستن کي پڻ پراسيس ڪيو پيو وڃي، اڄ کان درخواستن ۽ فين کي آن  لائين جمع ڪرائڻ جو عمل به شروع ٿي رهيو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪم ڪير به ڪري، ڪم ٿيڻ گهرجي. اعليٰ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪندي سيوريج پلانٽس جي حوالي سان سمورن صوبن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو