157

وزيراعظم سان اسامه ستي جي والد نديم يونس ستي جي ملاقات، عمران خان پاران افسوس جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مرحوم اسامه ستي جي والد نديم يونس ستي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم اسامه ستي جي روح جي ايصال ثواب ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم المناڪ واقعي تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي والد کي مڪمل انصاف جي فراهمي جي خاطري ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو