اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو کي پاڪ ترڪ لاڳاپن جي استحڪام جي اعتراف ۾ ٻيو اعليٰ ترين سول ايوارڊ هلال پاڪستان عطا ڪيو، ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ ترڪ پرڏيهي وزير سان گڏ آيل وفد کانسواءِ وفاقي وزيرن ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ان موقعي تي ڪابنينا ڊويزن جي سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ ترڪ پرڏيهي وزير جي خدمتن کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته ترڪ پرڏيهي وزير امن ۽ سلامتي لاءِ نمايان قدم کنيا ۽ پاڪ ترڪ لاڳاپن جي استحڪام ۽ انهن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هلال پاڪستان جو ايوارڊ پاڪستان جي قومي مفاد شاندار ثقافتي ۽ سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو آهي، هن وقت تائين جن غير ملڪين اهي اعزاز حاصل ڪيا انهن ۾ نئون چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن، چيني پرڏيهي وزير وينگ زي ۽ پاڪستان جي لاءِ اڳوڻو چيني سفير يائوجن شامل آهن. ترڪ پرڏيهي وزير ٻي پاڪ ترڪ آذربائيجان ٽه ڌرئي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي. هلال پاڪستان جي اعزاز جي تقريب کان اڳ ترڪ پرڏيهي وزير صدر سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
186