اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم ۽ ڪابينه جو فيصلو آهي ته اسامه ستي جو والد جهڙيءَ ريت جاچ ڪرائڻ چاهي حڪومت پوري مدد ڪندي. اهڙو اظهار هن اسامه ستي جي والد سان فون تي اسامه ستي قتل واقعي جي انڪوائري رپورٽ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته گهرو وزارت طرفان انڪوائري ڪميٽيءَ جي جاچ رپورٽ کي ڏسي ورتو. انڪوائري رپورٽ مان مطمئن آهيو ته ان کي اڳتي موڪليو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا جو فيصلو آهي ته اسامه ستي جو والد جهڙيءَ ريت جاچ ڪرائڻ چاهي حڪومت پوري مدد ڪندي. جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي جج کان انڪوائري ڪرائڻي آهي ته اوهان جي جواب جا انتظار منتظر آهيون. شيخ رشيد چيو ته اطلاع ملڻ بعد گهرو وزارت طرفان قانون واري وزارت کي خط لکنداسين. هن کيس مخاطب ٿيندي چيو ته تحقيقات مان اوهان جو مطمئن ٿيڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. اسامه واقعو تمام وڏو واقعو آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته آزاداڻي ۽ مڪمل جاچ لاءِ هميشه لاءِ تيار آهيان. پهرين ترجيح آهي ته اوهان ۽ اوهان جو خاندان مطمئن هجي.
197