155

سنڌ هاءِ ڪورٽ مونيڪا لاڙڪ واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو،ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي کان 15 ڏينهن اندر رپورٽ طلب، 27 شڪي گرفتار

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: گل سولنگي) پيرجوڳوٺ لڳ زيادتي بعد قتل ٿيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ واري واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي 15 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم، پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ هادل شاھه ۾ 3 ڏينهن اڳ زيادتي بعد قتل ٿيل نياڻي مونيڪا ڌيءَ غلام شبير لاڙڪ واري وحشت ناڪ واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي  کي 15 جنوري تي نياڻي واري واقعي جي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي، ڪالهھ ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ دلي جان مگسي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي مشڪوڪ ماڻهن مبارڪ بڙدي، نظام الدين بڙدي، علي حسين بڙدي، محمد امين بڙدي، خميسو شر، جنسار جوڻو، سيد احسان شاھ، مست جوڻو، منصور احمد شر، سليم شر، سرفراز لاڙڪ، شڪيل مھيسر، نصير لاڙڪ، جميل لاڙڪ، شاھنواز لاڙڪ، علي رضا جتوئي سميت 27 ڄڻن کي گرفتار ڪري پيرجوڳوٺ اسپتال مان ڊي اين اي  ٽيسٽ لاءِ جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا آھن، ٻئي طرف مقتول نياڻي جي امڙ ۽ ڀينرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، ڳوٺ لونگ لاڙڪ سميت علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو