اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اشرافيه جي ڪرپشن پاڪستان جي ترقي لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، اها اشرافيه استحصال ڪارڊ جي پويان نٿي لڪي سگهي، اڳ پاناما پيپرز ۽ هاڻي براڊ شيٽ اسان جي حڪمران اشرافيه جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو پردو هٽايو آهي، اشرافيه اين آر او جي ذريعي پنهنجي دولت کي تحفظ ڏنو ۽ عوام کي خساري ۾ رکيو. اربع ڏينهن پنهنجي ٽويٽ ۾ هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته براڊ شيٽ مڪمل شفافيت سان جانچ ڪري . هن چيو ته ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته براڊ شيٽ کي وڌيڪ جانچ کان ڪنهن روڪيو. وزيراعظم چيو ته براڊ شيٽ واضح ڪري ته ڪنهن جي چوڻ تي جاچ روڪي وئي. اشرافيه پرڏيهه ۾ ناڻو لڪائڻ لاءِ مني لانڊرنگ ڪندي آهي ته جيئن انهن جي خلاف ملڪ ۾ ڪارروائي به نه ٿي سگهي. ٻي پاسي ڏينهن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، جيڪي ماڻهو پراڻي نظام مان فائدو وٺندا رهيا آهن اهي ئي تبديلي آڻڻ نه ٿا ڏين، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪرپشن کي تسليم ڪيو ويو آهي، آٽو مشين سان دنيا ۾ تبديلي آئي ۽ ڪرپشن ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو، رشوت هلندي رهي ته پوءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ گرمين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو . ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل ان جو آهي، ان سان شفافيت ايندي، جي آءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي. وزيراعظم چيو ته اي بڊنگ ۽ اي بلنگ سان ٺيڪن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو .
