اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين نعيم بخاري کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نعيم بخاري جي پي ٽي وي چيئرمين طور مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطلاعات واري وزارت جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا حڪومت عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي آهي؟ جنهن تي نمائندي جواب ڏنو ته جي سر، عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ٻيهر پڇيو ته عمر جي حد ۾ نرمي لاءِ اوهان سبب ڪهڙو لکيو آهي؟ نمائندي چيو ته اسان لکيو آهي ته نعيم بخاري هن عهدي جي قابل آهي، کيس گهڻو تجربو آهي ۽ هڪ سمري 13 ۽ ٻي 26 نومبر تي اماڻي وئي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته نه ڪابينا واضح طور عمر جي ريليڪسيشن جو ڪو فيصلو ڪيو نه اوهان صحيح سمري اماڻي، توهان سمري اماڻيندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو لاڳاپيل پورشن نه پڙهيو، جڏهن اوهان فيصلو پڙهڻ کانسواءِ سمري ڪابينا کي اماڻيندا ته ڪابينا کي به شرمسار ڪندا. عدالت چيو ته اطلاعات واري وزارت کي پي ٽي وي چيئرمين جي مقرري جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ واضح لکيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن کي به چيئرمين بڻائي نه ٿي سگهي، پگهار کڻي يا نه کڻي اها ڳالهه آهي، طريقيڪار بابت ٻڌايو، توهان پاڻ ئي نعيم بخاري جي چيئرمين طور مقرري ڪري سمري ڪابينا کي اماڻي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين نعيم بخاري کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته اسان اهو معاملو وفاقي ڪابينا کي اماڻي رهيا آهيون، اها سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق ڏسي، نعيم بخاري صاحب اسان لاءِ قابل احترام آهي پر قانون کان ڪوبه مٿانهون ناهي.
153