بدين (ويب ڊيسڪ) بدين ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس پسٽل جا فائر ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق بدين جي ڳوٺ مٺو ابڙو ۾ جوابدار مير محمد ابڙو گهرو اڻبڻت تان پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي گهر واري فهميده کي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو. پوليس مطابق معاملو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
