152

بهاول نگر ۾ شادي جي انڪار تي جوابدار هٿان ٻن ٻارڙن جي ماءُ قتل

بهاولنگر (ويب ڊيسڪ) بهاول نگر ۾ شادي جي انڪار تي جوابدار ٻن ٻارڙن جي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي ايس پي زبير بنگش مطابق مهار شريف ۾ واقعو پيش آيو، جتي شادي جي انڪار تي هڪ شخص شربت ۾ زهر ملائي عورت کي زبردستي پياري کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي. پوليس مطابق مقتولا عورت جي مڙس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل عورت جي شادي 5 سال اڳ ٿي هئي، کيس 2 ٻارڙن جو اولاد پڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو