227

سنٿيارچي رحمان ملڪ خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪا جي رهواسڻ سنٿيارچي ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي ڪيسن کي واپس وٺڻ واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن. آمريڪا جي رهواسڻ سنٿيارچي  ۽ رحمان ملڪ هڪٻئي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جون درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايون هيون. سنٿيارچي جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ڄاڻايو آهي ته سندس موڪل رحمان ملڪ تي زيادتي وارو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته رحمان ملڪ جي وڪيل به سنٿيارچي تي ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق سنٿيارچي ۽ رحمان ملڪ جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو