واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ٽرمپ جي مواخذي ۽ جوبائيڊن جي حلف برداري واري تقريب کي نظر ۾ رکندي امڪاني هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. واشنگٽن ۾ ڪيپٽل هل ويجهو روڊ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پارليامينٽ جي بلڊنگ اندر ۽ ٻاهر نيشنل گارڊ وڏي انگ ۾ مقرر آهن ۽ بلڊنگ ٻاهريان نئون رڪاوٽون پڻ وڌيون ويون آهن. جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب جي موقعي تي واشنگٽن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ 20 هزار نيشنل گارڊ مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته واشنگٽن جي روڊن تي اڳ ۾ ئي نيشنل گارڊ موجود آهن. ٻئي پاسي مواخذي جي ڪارروائي کي منهن ڏيندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪين کي متحد رهڻ ۽ تشدد کان پاسيرو رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته وڌيڪ مظاهرن جي رپورٽن تي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به قسم جي قانون جي لتاڙ نه ڪريو، عوام ڪاوڙ گهٽ ڪري ۽ پنهنجا جذبا قابو ۾ رکي.
163