اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي. رپورٽن مطابق 16 جنوري کان پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي، جنهن جي سفارش اوگرا پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي. اوگرا جي سفارش تحت پيٽرول 11 رپيا 95 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 57 پئسن تائين في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو. پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندي.
