174

سنڌ جي اسڪولن کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن…

ليکڪ: امتياز عيسيٰ هاليپوٽو

چوندا آهن ته ”علم انسان جي ٽين اکي آهي، ۽ علم پرايو پينگهي کان قبر تائين“ پر اسان جي صوبي سنڌ جي تعليم جو معيار تمام گهڻو پوئتي پيل آهي، اڪثر اسڪول بند پيل آهن، ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ استاد پورا ناهن ته ڪٿي وري ٻار اسڪول ۾ وڌيڪ آهن، اتي استادن جو تعداد گھٽ آهي ۽ جتي استادن ۽ شاگردن جو عملو پورو آهي ته اتي وري اسڪول جي يا ته عمارت زبون بڻيل آهي يا وري ٻيون ڪي گھربل بنيادي سھولتون ميسر ناھن، جيڪي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن، اهوئي سبب آھي جو اڄ سنڌ جي تعليمي شرح تمام گهڻي گهٽ آھي. سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ استاد تمام گهڻا ضعيف ٿي چڪا آھن، جنهن جي ڪري نه صرف استاد مختلف بيمارين جو شڪار آھن، پر سندن نظر جو پڻ مسئلو آھي. آئون هتي سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري وزير کي اپيل ڪريان ٿو ته جلد کان جلد ميرٽ کي مٿانھون ڪندي، قابليت جي بنياد ته قابل استاد ڀرتي ڪيا وڃن ۽ زبون حال بڻيل اسڪولن جي عمارت کي نئين سر تعليم ڪري انهن کي بهتر بڻائي انهن ۾ گهربل سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ته سنڌ جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم نه رهي سگهن ۽ بهتر تعليم حاصل ڪري دنيا ۾ پنهنجو، پنهنجي والدين جو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو