ليکڪ: نصير چنا
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار اڃا به جاري آهن، ڏينهون ڏينهن ڪيترائي ماڻهو هن عالمي وبا ۾ وٺجي رهيا آهن، پر تنهن باوجود به ايس او پيز نظرانداز ٿي رهيون آهن، ڪورونا سبب ڪاروبار ۽ تعليم سخت متاثر ٿي آهي، صنعتي شعبن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، اتي ڏينهون ڏينهن مهانگائي جي آزار پڻ غريب ۽ مسڪين عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڪورونا سبب هڪ طرف پورهيت طبقو بيروزگار ٿي فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف وفاقي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بدران ڏينهون ڏينهن عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، غريب ۽ مسڪين ماڻهو جيڪو روزانو مزدوري ڪري 4 کان 5 سئو رپيا ڪمائي ٿو ان جو گذر سفر ڪرڻ ۽ گهر هلائڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي پيو آهي، ملڪ ۾ هونئن ته وفاقي حڪومت دعوائن باوجود کاڌي پيتي جي شين جا اگهه گهٽ نه ڪري سگهي آهي پر ڏينهون ڏينهون مهانگائي ڪري عوام کي بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي طرف ضرور ڌڪيو آهي، وفاقي حڪومت پاران قائم ڪيل يوٽيلي اسٽورن تي پڻ ٻن مهينن کان اٽو موجود ناهي، جڏهن ته ڪالهه يوٽيليٽي اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن مزدوري گهٽ ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌيڪ هوندا ته عوام آخر ڪيڏانهن ويندو، وفاقي حڪومت اليڪشن ۾ جيڪي به دعوائون ڪيون، وزيراعظم انهن تان يوٽرن وٺي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، مٿان کاڌي پيتي سميت بجلي، گئس، پيٽرول ۽ ٻين شين جا اگهه وڌائي عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هاڻي عوام پي ٽي آءِ سرڪار مان بيزار ٿي آخر روڊن تي اچي ويو آهي، گذريل ڏينهن پڻ حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 8 ارب 40 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ بار پوندو، سنڌ ۾ هن وقت بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب غريب ۽ مسڪين عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سخت پريشان آهي، بيروزگاري سبب ڪيترن کي نوجوانن پنهنجيون حياتيون وڃائي ڇڏيون آهن، پر تنهن باوجود به عوام ڪو به رليف فراهم نه ڪري سگهيا آهن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندر پورهيتن لاءِ گذر سفر ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي پيو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽو 70 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته 10 ڪلو وارو اٽي جو بيگ 700 رپين ۾ ملي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت اٽي جي 10 ڪلو واري بيگ جو اگهه 418 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته کنڊ 95 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، گيهه، چانور، دالين ۽ سبزين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن ته فروٽ وٺي کائڻ جي وسعت هاڻي عوام ۾ ناهي رهي، پر پرائيس ڪنٽرول ٽيمون ۽ ضلعي انتظاميا عوام جون ڪي به ڪارروايون ڏسڻ ۾ نه اچي سگهيون آهن، جن مان لڳي ٿو ته اهي به منافعي خورن سان ٻٽ بڻيل آهن، سنڌ حڪومت پاران پوڻا 4 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ باوجود سنڌ جي شهرن ۾ سستي اٽي جي خريداري جا اسٽال قائم نه ٿي سگھيا آهن، خاص طور تي حيدرآباد ۾ عوام کي سستو اٽو فراهم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري عوام مهانگي اگهه تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته وڌ کان وڌ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽائي ڪري رليف فراهم ڪن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کاڌي پيتي جون شيون ئي مهانگيون هونديون ته عوام ٻن ويلن جي ماني ٻچڙن کي ڪٿان کارائي سگهندو، حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪري کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي ته جيئڻ غريب ۽ مسڪين ماڻهن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي.
naseerchanna2010@gmail.com