ليکڪ: زبير احمد ٻوهيو
اڄ جڏھن ھن مضمون متعلق لکڻ شروع ڪيو ته شدت سان احساس ٿئي پيو ته جيڪر سوچ سمجھه نه ھجي ھا ته ايتري تڪليف نه ٿئي ھا، پنھنجي ارد گرد سماجي برايون، معصوم نينگرين سان ويڌن ڏسي خاموش رھڻ به ناممڪن ٿيو پوي، جيڪڏھن ٻڙڪ ٻاھر ڪڍجي ٿي ته اتي سوال اھو آهي ته آخر ان جو انت ڇا ٿيندو!آخر اسان جو ھي گلڙن جھڙو سماج ڪنھن طرف وڃي رھيو آھي اھي ڪھڙا عنصر آھن جيڪي ھٿ وٺي ھن سونھن ڀري سنسار کي اجاڙڻ جي ڪڍ لڳي ويا آھن اسان جا رايا، اسان جون سوچون آخر ڇو خاموش بڻجي ويون آھن، اسان ان ڏوھه ۾ پاڻ ئي پاڻ کي آخر ڏوھاري محسوس ڇو ڪري رھيا آھيون، ھر روز ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ظلم کٽڻ بدران وڌندو ڇو پيو وڃي، تازو پيرجوڳوٺ ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آھي ته معصوم نياڻي کي اغوا ڪري کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ قتل ڪيو ويو، جنھن کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڦٽو ڪيو ويو، اتي اسان جا ادارا سدائين وانگر پنھنجون ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪرڻ ۾ رڌل آهن، اتي ھڪ سوال ٿو اڀري ته ڇا سدائين اھڙا واقعا ٿيندا رھندا ۽ اسان بس تعزيتون ڪري ڪجهھ ڪاغذي ڪارواين کي اڳتي پوئتي ڪري پنھنجا فرض پورا ڪندا رھنداسين…..ھن واقعي کان اڳ ڪشمور ۾ به اھڙو ئي واقعو پيش آيو ھو، جنھن اسان سڀني جو ساهه نپوڙي ڇڏيو ھو. سنڌ صدمي ۾ ھئي ته آخر هِي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي؟؟ ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ هڪ عورت کي نوڪريءَ بهاني ڪشمور جي علائقي ۾ يرغمال بڻائي اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي. اُن عورت سان سندس معصوم پتڪڙي گلابن جهڙي نياڻي پڻ گڏ هئي، جنهن کي به جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو ھو، جنهن سبب ٻارڙيءَ جي حالت انتهائي نازڪ ٿي وئي ھئي. هُوءَ زندهه لاش بڻيل ھئي ۽ هُوءَ سراپا دانهن بڻجي وئي ھئي، جيڪا وقت جي حڪمرانن ۽ خدا جي درٻار ۾ ڏنل دانهن ھئي! ھنن معصوم نياڻين کي ڏسندي انھن سڀني پيئرن ۽ مائرن کي ننڊ ڪيئن ٿي اچي سگھي جن جون پنھنجون نياڻيون ايتريون ئي آھن، پنجن سالن ۾ ٻار اڃا پينسل ھٿ ۾ پڪڙڻ جيترا مس ٿيندا آھن، ھڪ ننڍڙي گل مثل ان جا آشيار ھوندا آھن، ان عمر ۾ ته ٻار ماءُ ۽ پيءُ جي ڪلھن تي چڙهي راند ڪندا آھن. ھن عمر ۾ ته طوطلي زبان سان نوان نوان لفظ دھرائيندي کلندا آھن، پنجن سالن ۾ ته دنيا جا رنگ ئي سمجھه ۾ نه ايندا آھن، اڃا ته ماءُ جي ھنج ئي نه وساريندا آھن، اڃا ته پيءُ جا ڀاڪر ئي آسمان وانگر وسيع لڳندا آھن، پر سندن اھا خبر ئي نه آھي ته جنھن ماءُ جي ھنج ۾ ھو سفر ڪري رھيا آھن ڪڏھن وڃي ڪنھن وحشين جي ور چڙهندا، کيس ڪھڙيون خبرون ھئن ته اھي شيطان حوسي ماڻھو ھنن کي ائين جنسي حوس لاءِ استعمال ڪندا، ھنن جا ته سڀ رنگ پھنجي ئي رت جي رنگ سان ڳاڙھا ٿي ويا، ھنن جي ته زندگي قبر جي اذيت کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ٿي وئي. ھنن معصومن کي ته ڄاڻ به نه ھئي ته اھي وحشي ھنن سان ڇا ڪري رھيا آھن، ھو مسڪين ته ان انداز حالت ۾ به انھن بي رحمن کي چاچا ڪري پڪاريندا ھوندا ۽ پنھنجي بي گناھه آواز سان امان امان ڪري سڏيندا ھوندا، ھي ڪجهھ واقعا جيڪي آئون بيان ڪيا آھن اھي سڀ ميڊيا جي ذريعي ھائي لائيٽيڊ ٿيل مسئلا آھن، جن جو ٿورو گھڻو تدارڪ ڪنھن حد تائين ٿيو آھي پر اسان وٽ ڪجھه اھڙا به واقعا ٿين ٿا جيڪي ميڊيا جي نظر ته ڪو نه ٿا چڙھن پر سدائين لاءِ باب ئي بند ٿي ٿا وڃن، انھن جون ته صدائون به ڄڻ ڪنھن وڏي گناھه مثل ھجن، ھاڻي ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته قانون اسان جون حڪومتون روز ٺاھين ٿيون، ان لاءِ ايڪشن نوٽيسن جي صورت ۾ روز وٺن ٿيون، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بحث مباحثا به انھن ڳالھين تي کوڙ ٿين ٿا، اديب، دانشور، قومپرست ۽ سول سوسائٽي جا ماڻھو به انھن عملن کي نندين ٿا ته پوءِ ڪيترا ئي سوال اتي جنم وٺن ٿا ته آخر اھي ڪھڙيون طاقتون آھن جيڪي انھن سڀين کان ڏاڍيون آھن، آخر انھن ظالم سفاڪ ماڻھن کي ڪنھن جي پٺڀرائي حاصل آھي، آخر ان ڏوھن ۾ انھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ڪير بيٺل آھي، اھي سڀ سوال مون سميت پوري قوم لاءِ سواليا نشان بڻيل آھن.