145

آمريڪا ۾ قومپرستيءَ جي لھر…

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

آمريڪي ۽ عالمي پرنٽ ميڊيا جا ايڊيٽوريل يا وري ڪالمن تي نگاهه وجهبي ته سڀني ۾ ٽرمپ پاران فاشسٽ تنظيم پرائيوڊ بوائز کي واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ گهرائي ڪيپيٽل ھل تي حملي جي لاءِ اڪسائڻ جو ذڪر ملندو، جنهن ۾ وڳوڙ ڪندڙ بلڊنگ ۾ اندر گهڙي ڪري ڪانگريس جي ميمبرن ۽ خاص طور تي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس ۽ اسپيڪر نينسي پلوسيءَ کي مارڻ جي لاءِ ايوان ۾ ھر ھنڌ ڳوليو پر چيو ٿو وڃي ته ھو باٿ رومن ۾ وڃي لڪي ويھي رهيا، جيتوڻيڪ نائب صدر مائيڪ پينس ھن وق وقت تائين صدر ٽرمپ جي کليءَ طرح سان مخالفت نه ڪئي آهي پر ھن صدر ٽرمپ جي چوڻ تي ڇھين جنوريءَ تي اليڪٽورل ڪاليج جي ووٽن جي آخري ڳڻپ کي روڪڻ جي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو، جنهن تي نه صرف صدر ٽرمپ کي پر ھن جي حامين کي به سخت توائي ھئي، جڏهن ته نينسي پلوسيءَ جي طرفان لڳاتار مخالفت ۽ پھريون امپيچمينٽ آڻڻ ۽ تڪڙي اقتدار جي منتقليءَ جي پس منظر ۾ ھن کي وڳوڙي ڳولي رهيا ھئا پر ھـن سڄي وڳوڙي عمل ۾ پوليس يا ٻيا قانون لاڳو ڪرڻ وارا ادارا نظر نه پئي آيا، جڏهن ته صدر ٽرمپ اڳ ۾ ئي احتجاج ڪرائڻ جو اعلان  ڪري چڪو ھو پر نيٺ نينسي پلوسيءَ پوليس پنهنجي بچاءَ ۾ گولي ھلائڻ جو آرڊر ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ چار وڳوڙي ۽ سپاھي مارجي ويا پر ان کان اڳ ۾ وڳوڙين مان ٻن ڄڻن مان ھڪ ھائوس جي اسپيڪر نينسي پلوسيءَ جي تقرير ڪرڻ واري ڊائيس مٿي تي کڻي بيٺو، جڏهن ته ٻئي کي وري مٿي تي سنڱ رکيل ھئا ۽ سندس منهن ۽ جسم رنگا رنگي ٿيل هو جيڪو وڃي اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي پڻ ويٺو ھيو، وڳوڙ  ختم ٿيڻ کان پوءِ ھنن ٻن ڄڻن جون تيزيءَ سان تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي ھزارين ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيپيٽل ھل تي ٿيل ھن حملي جي عالمي رھنمائن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي پر شايد اھي سربراھه ڏاڍو خوش ٿيا آهن، جنهن پنهنجي ملڪ يا پنهنجي اقتدار جو مستقبل صدر ٽرمپ سان سلھاڙي ڇڏيو آهي، يا وري صدر ٽرمپ کي اليڪشن کٽرائڻ ۾ سيڙپڪاري پڻ ڪئي ھئي، پر ڪيپيٽل ھل تي ٿيل حملي آمريڪا جي جمهوري ۽ انساني حقن واري چھري تي ھڪ ڪاري ضرب لڳائي آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جھموريت ۽ انساني حقن جي پاسداريءَ جو پاڻ کي چيمپين سڏائيندو ھو. صدر ٽرمپ جي اقتدار  ڇڏڻ ۾ باقي 6 ڏينهن بچيا آهن پر ھن وقت سڄي آمريڪا خوف ۾ ورتل آهي ۽ سڄي ملڪ جي سڄاڻ حلقن ۾ آمريڪا جي اندر گهرو جنگ تي بحٽ ٿي رهيو آهي خاص طور تي صدر ٽرمپ جا حامي جن کي ھاڻي وائيٽ نيشنلسٽ سڏيو ٿو وڃي، انهن ڪيپيٽل ھل تي ڪيل حملي کي آمريڪا ۾ ھڪ نئين انقلاب سان تشبيهه ڏئي رهيا آهن، آمريڪي گورن اھو تاثر عام آهي ته جو بائيڊن کي اڪثريت ۾ ووٽ ڪارن ۽ ٻين ايشيا ۽ آفريقا جي ماڻهن ڏنا آهن ۽ ساڳي وقت تي جوبائيڊن جيڪي ماڻهوَ پنهنجي ڪابينا  ۾ کنيا آهن اھي ھڪ ته اسٽيبلشمينٽ جي طرفان ڏنا ويا آهن ۽ ٻيو ته بائيڊن جي وڌيل عمر چي ڪري ڪملا ھيرس ھن جو انتظام ھلائيندي يا وري اڳوڻو صدر اوباما انتظام ھلائيندو، جنهن جي ڪري گورن کي سخت ڪاوڙ آهي ۽ ان ڪاوڙ کي صدر ٽرمپ استعمال ڪري رهيو، جنهن ڪري صدر ٽرمپ کي وڌيڪ ڪنهن اگري قدم کڻڻ کان اڳ ۾ ڊيموڪريٽس ريپبليڪنس تي دٻاءَ وڌائي رهيا آهن ته هو آمريڪي آئين جي آرٽيڪل 25 تحت صدر کي ھٽائين ٻي صورت ۾ ھو صدر خلاف ايوان ۾ امپيچمينٽ ڪندا، ان حوالي سان نينسي پلوسي صدر ٽرمپ جي خلاف ٻي امپيچمينٽ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ان کان اڳ ۾ ھن آرمي چيف مارڪ ملي کي ھڪ خط لکي ڪري آگاھه ڪيو ته آمريڪا جي نيوڪليئر ھٿيارن جو ڪوڊ صدر ٽرمپ وٽ آهي ڪٿي ائين نه ٿئي ته ھو ڪنهن ملڪ سان جنگ ڇيڙي ڇڏي ۽ نيوڪليئر ھٿيارن کي استعمال ڪرڻ جو حڪم نه ڏئي وجهي، جنهن جي ڪري ھن جي ڪنهن به حڪم نه مڃيو وڃي، ياد رکڻ گهرجي ته نينسي پلوسي جو فوج کي عرض ڪرڻ حقيقت ۾ فوج کي سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش آهي پر صدر ٽرمپ  تازو ئي بچاءَ واري سيڪريٽري مارڪ ايسپر کي ھٽائي ڪرسٽوفر ملر کي رکيو ۽ بچاءَ وارو سيڪريٽري  ئي پينٽاگون جو سربراھ ٿيندو آهي تنهن ڪري اھو مشڪل نظر ٿو اچي ھو صدر ٽرمپ کي جواب ڏئي سگهندو جنهن جي ڪري اقتدار ڇڏڻ کان اڳ ۾ صدر ٽرمپ  ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، نينسي پلوسي جي امپيچمينٽ آڻڻ واري فيصلي کان اڳ ۾ ئي صدر ٽرمپ کي وڌيڪ ڪنهن اٻهري قدم کڻڻ يا پنهنجي بيانن جي ذريعي ڪيپيٽل ھل وانگر فساد ڪرائڻ کي روڪڻ جي لاءِ ھن جي فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو، پر صدر ٽرمپ ھڪ ٻئي سوشل ميڊيا اڪائونٽ کي ايڪٽو ڪري پنهنجي بيانن کي جاري رکيو آهي، ھن وقت جڏهن آمريڪا جي جھموري ۽ اخلاقي قدرن جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي، جنهن کي بچائڻ جي لاءِ بائيڊن انتظاميا ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي پر صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا بي خوف ٿي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو اندازو سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو جي ھن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٽرمپ انتظاميا اقتدار ڇڏڻ کان اڳ ۾ اھڙو بين الاقوامي ماحول جوڙي رهي آهي جنهن کي بائيڊن انتظاميا مشڪل سان ڀري سگهندي، پومپيو تائيوان تي لڳل آمريڪي پابنديون ھٽائڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ اھڙو تاثر ڏنو ته ھو تائيوان جو دورو ڪرڻ وارو آهي ۽ چين جي خلاف ھڪ جنگي محاذ تيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو پر چين جي رياستي ميڊيا شنھائو پنهنجي ھڪ سخت بيان ۾ چيو ته پومپيو جيڪڏهن تائيوان جو دورو ڪيو ته ھو تائيوان تي حملو ڪندا، ھن وڌيڪ چيو ته پومپيو جو ھي عمل چين ۽ آمريڪي لاڳاپن مٿان ھڪ بدنما داغ آهي ۽ ھو بائيڊن انتظاميا کي اھڙي کاھي ۾ اڇلائي رهيو آهي، جنهن مان ان جو نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، چين جي اھڙي سخت بيان کان پوءِ ھڪ ته چين تائيوان ڏانهن پنهنجا سامونڊي فوجي ٻيڙا موڪلي ڄڻ ته جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي ٻيو ته تائيوان سرڪار چين کي عرض ڪيو ته ڪنهن به مفروضي جي بنياد تي جنگ ڇيڙڻ ھڪ غلط روايت ٿي پوندي، ٻئي طرف وري اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عورت ترجمان مارگن آرتگس پنهنجي ھڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته حقيقت ۾ پومپيو ته يورپي يونين جي دوري تي وڃي رهيو آهي، سو سندس آخري دورو ھوندو، فنانشل ٽائيمز جي رپورٽ مطابق صدر ٽرمپ چيني ڪمپنين ۾ سيڙپڪاريءَ تي بندش ھڻي ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته انهن ڪمپنين جا واسطا چيني فوج سان آهن، جڏهن ته انهن ڪمپنين مان حاصل ٿيندڙ رقم آمريڪي مفادن جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي، صدر ٽرمپ جي ھن قدم سان نيويارڪ کان وٺي ھانگ ڪانگ تائين بروڪر ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن، جيڪي انهن چيني ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ آتا آهن، صدر ٽرمپ جو ھي ايگزيڪيوٽو آرڊر يارھين جنوريءَ کان لاڳو ٿيندو، جنهن سان علي بابا ۽ ٽينسينٽ تي بندش پئچي ويندي، بي بي سي جي ھڪ رپورٽ مطابق صدر ٽرمپ جي اٻھرن قدمن جي ڪري بائيڊن انتظاميا کي وڏي عرصي تائين آمريڪا جي وڃايل حيثيت کي بحال  ڪرائڻ ۾ وقت لڳندو، پر ھي محسوس ٿي رهيو آهي ته گورا قومپرست صدر بائيڊن جي حڪومتي قدمن ۾ وڏيون رڪاوٽون وجھندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو